ڍينگي شريف جو ننڍڙو ڳوٺڙو، “ڀريا روڊ” جي ڀرسان “سدا واهه” جي ڀـِـڪَ سان آباد آهي. هتي “ڪيريا” برادر مان وڏا عابد ۽ زاهد بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن بزرگن مان ميان عبدالرحمان ۽ ميان علي محمد وڏا حال ۽ قال جا صاحب هئا. ڍينگائي بزرگن وٽ هڪ وڏو ڪتبخانو پڻ هو. هتي ديني علمن جو هڪ مدرسو به هو، جتي عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. هن وقت اهي سڀ زماني جي لـَـهـَـر ۾ لـــُـڙِهي ويا آهن ۽ بزرگن جي ياد وڃي باقي رهي آهي ="http://sindhipeoples.blogspot.com/2011/03/blog-post_16; خليفو مخدوم محمد عيسيٰ ڪيريو بن حافظ ميان شاد الله: ڀريا ڀرسان ڳوٺ ڍينگي جو رهواسي هو، تمام وڏو ڪرامت ۽ ڪشف جو صاحب ٿي گذريو آهي پاڻ سيد نور محمد شاهه جو پيارو مريد ۽ خليفو هو. سندن مقام ۽ مرتبي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو سندس مرشد جيڪي کين خط لکيا آهن تن ۾ کيس دعا لاءِ چيو ويو آهي. روايتن مطابق پيرعلي گوهر شاهه اصغر ’بنگلي ڌڻي‘ ڳوٺ ڍينگي ڀرسان ’ٻٽا واٽر‘ وٽ پنهنجن مريدن ڪيرين فقيرن (جيڪي اڄ تائين خليفا سڏجن ٿا ڇاڪاڻ ته پاڻ سيد پير صبغت الله شاهه (اول) ’تجرڌڻي‘ کان وٺي اڄ تائين مريد آهن) جي دعوت تي آيا، اتي پهچي پاڻ فرمايائون ته هتي مون کي خوشبوءِ ٿي اچي. فقيرن کين وراڻيو ته هائو سائين هتي هڪ فقير آهي. پاڻ ميان محمد عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڪجهه وقت رهاڻ ڪري بعد ۾ پنهنجن مريدن ڏانهن روانا ٿيا. ميان محمد عيسيٰ حافظ قرآن هجڻ سان گڏوگڏ فارغ التحصيل عالم هئا. نوشهري فيروزي قاضين جي مدرسي مان علم جي تحصيل مڪمل ڪيائون. پاڻ بهترين ڪاتب پڻ هئا. هن وقت به سندن پڙپوٽي حڪيم ميان محمد صالح (1928- 1991ع) جي فرزند ميان محمد عيسيٰ وٽ وڏڙن جا ڪيترائي عربي، فارسي ۽ سنڌي جا ڇاپي توڙي قلمي نسخا موجود آهن جن ۾ سيد نورمحمد شاهه جا لکيل خط (جيڪي ميان محمد عيسيٰ ڏانهن لکيا اٿن) ميان صاحب جي هٿين اکرين منظوم سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ ملن ٿا، ان کان علاوه خواجه محمد زمان لنواروي جي ملفوظات ’فردوس العارفين‘ جيڪا سندن مريد بلوچ لکي، ميان عيسيٰ جي ڪتابت ٿيل موجود آهي. ميان صاحب جا سنڌي توڙي فارسي اکر موتين جي داڻن جهڙا سهڻا آهن. سيد نورمحمد شاهه جي لکيل منظوم سنڌي خطن توڙي فارسيءَ وارن خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان محمد عيسيٰ کين تمام پيارو ۽ ويجهو هو، ڪافي حال احوال هنن سان اوريا اٿن. انهن خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ کين سلوڪ جي طالبن جي تربيت لاءِ پڻ مامور ڪيو هو. سيد نورمحمد شاهه جي لکيل منظوم خطن مان سندن ولايت جي مقام جو پتو پوي ٿو. هڪ خط ۾ پاڻ لکن ٿا: ”اعليٰ علم ذات جو آهي سڀن علمن کا، سڀ ڪَهي کي حاصل نٿي ري عارف انبيا. سو اوان کي حاصل آهي اعليٰ مقصودا.“ يا ٻئي خط ۾ لکن ٿا ته: ”اوان کي بادشاهي وڏي معرفت آهي حاصلا، هي وڏي نعمت آهي سَرتَاج ٻنِ جهانن کا. وڏا بخت اننجا جن کي آهي نصيبا.“ يا ”اوين پاهجي مولا ساهوئجو محوَ مشغلا، خليفي سا صحبت ڪجو ساڻ ادب محبتا، پوءِ فاني بقا با الله هوئجو محڪم مولا سا.“ ميان محمد عيسيٰ کان سوين ماڻهن فيض ورتو، سندن خليفن ۾ الهه جيارو سهتو بهلاڻي ضلعو نوشهروفيروز، محمد صالح ڀَيو نزد ڀريا، جمعو فقير سومرو ڀاڳُو ديرو لڳ ٺارو شاهه (ضلعو نوشهروفيروز)، ظفرالله جمالي- شڪارپور ۽ مائي ڪذبانو جتوئي، محراب پور، ڏوڪري (لاڙڪاڻو) مشهور ۽ معروف آهن. پاڻ 1287هه/1870ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس مزار مبارڪ ڍينگي ۾ مسجد شريف جي اتر ۾ آهي، جنهن تي ڪوٺو ٺهيل آهي. سندن مزار سان گڏ اولهه ۾ سندن فرزند ميان عبدالرحمان ۽ اوڀر ۾ ٻيو فرزند محمد صالح مدفون آهن. ڪوٺي کان ٻاهر سندن پوٽو ميان حڪيم الهڏنو (متوفي: 1934ع) مدفون آهي، جنهن مٿان ڇاپرو ٺهيل آهي. ميان صاحب کي چارفرزند: ميان محمد صالح، ميان عبدالرحمان، ميان عبدالرسول ۽ ميان علي محمد هئا. عبدالرسول ۽ ميان علي محمد شادي ڪانه ڪئي جڏهن ته ميان عبدالرحمان کي صرف هڪ نياڻي هئي. باقي ميان محمد صالح کي ست فرزند ٿيا جن مان ميان الهڏنو (متوفي: 1934ع) حافظ قرآن، حڪيم، فارسيءَ ۽ عربيءَ ٻوليءَ جو ڄاڻوهو. پاڻ پنهنجي بزرگن جا ڪجهه نسخا پنهنجي هٿ اکرن سان نقل ڪري کين ضايع ٿيڻ کان محفوظ ڪيو. ميان صاحب جي اولاد مان ڪيترائي ولايت ۽ ڪاني ڪرامت جا صاحب هئا، جن مان خليفو ميان علي محمد ۽ خليفو ميان الهڏنو مشهور هئا(12). http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/mehran/Book133</
No comments:
Post a Comment